ڀيڻي سورجان 3

ڀيڻي سورجان-3 (Bhaini Surjan-III): تعلقي ميهام ۾ ڀيڻي سورجان نالي سان هي ٽيون قديم دڙو آهي، جيڪو ڳوٺ کان 5 ڪلوميٽر اولهه طرف آهي. جڏهن ته ماڳ جي اوڀر ۾ ٻن سون ميٽرن تي جوئي (Jui) ڪئنال وهي ٿو. ٽن ميٽرن جي اوچائي واري ڊرينهه تي موجود آهي. ماڳ جي اوڀر وارو حصو ڀيڻي سورجان مائينر جي اڏاوت سبب ختم ٿي ويو آهي. ماڳ 1.4 هيڪٽرن جي ايراضيءَ تي ڦهليل آهي ۽ سمورو آباديءَ هيٺ آهي. هتان ملندڙ وٿون سنڌو جي اوج (Mature) ۽ پوئين سنڌو دور سان واسطو رکن ٿيون. مٿاڇري تان پڪين سرن جا ٽڪرا به مليا آهن، جنهن مان سمجهجي ٿو ته هتي اڏاوتون هيون پر هاڻي ڊهي ويون آهن. هتان اهڙيون ئي وٿون ملن ٿيون جهڙيون موهين جي دڙي ۽ هڙاپا مان مليون آهن. ماڳ ''45'15 76 ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ ۽''10'10 29 ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ تي ضلعي روهتڪ صوبي هريانا ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو